پرسوز بخاري

پرسوز بخاري: هن سرائيڪي ادب جي نالي واري شاعر جو اصل نالو سيد احمد حسن آهي، هي ڪلاب (احمد پور شرقيه) ۾ ڄائو. هي ’شعاع سرائيڪي‘ ۽ ’ڌان‘، ڪتاب لڙي جو ايڊيٽر آهي، سندس ادبي سڃاڻپ سـرائيڪـي شـاعـر واري آهي. سندس ڪتـابن ۾ ’ارمـان لگدي ڪچي تند‘،’حسيـن ميڏا يزيد تيڏا‘، ’سدهاراهه‘، ’اقبال پدرالشمس‘ ۽ ’خالق دامان محمد‘ ڇپيل آهن. هو هن وقت فتح پور ڪمال تعلقي لياقت پور ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو